اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) قومي خابرو اداري (اي پي پي) جي اڳوڻي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ سينئر صحافي مسعود ملڪ کي سوين سوڳوارن جي موجودگي ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي ايڇ ايٽ قبرستان ۾ مرحوم جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي جنهن ۾ ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد احمد، قومي اسي??بل?? جي اڳوڻي اسپيڪر حاجي نواز کوکر، عرفان صديقي، پرنسپل انفارميشن آفيسر ( پي آءِ او) طاهر خوشنود، پيمرا جو چيئرمين سليم بيگ، صدر جي پريس سيڪريٽري ميان جهانگير، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان جي مينيجنگ ڊائريڪٽر طارق محمود خان، مشهور سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر جمال ناصر، قومي اسي??بل?? ميمبر صداقت عباسي، انجم عقيل خان ??مي?? اهم سياسي ۽ سماجي شخصيتن، سينئر صحا??ين?? صحافتي تنظيمن جي عهديدارن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.