اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته ڀارتي فوج 72 سالن کا?? انساني حقن جي خلاف ورزين ۾ ملوث آهي، والاريل ڪشمير ۾ 7 ڏهاڪن کا?? ظلم ۽ ڏاڍ ٿي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غاصباڻي قبضي جي خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي ??ي پنهنجي بيان ۾ ڪيو.