اسلام آباد – 15 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ۾ قانونسازي سان لاڳاپيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي خيبرپختونخواهه جي انضمام ٿيل ضلعن جي تعمير ۽ تر??ي کي يقيني بڻائي انهن کي قومي ڌارا ?? شامل ڪرڻ ۽ نوجوانن جي لاءِ رو??گار جا موقعا پيدا ڪرڻ بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آيا. وزيراعظم نوجوانن جي لاءِ رو??گار جا وسيع موقعا پيدا ڪري خيبرپختونخواهه جي انضمام ٿيل ضلعن جي تر??ي کي يقيني بڻائڻ جي پڻ هدايت ڪئي.