اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته علائقائي واپار جي فروغ ۽ گوادر بندرگاهه سان گلگت بل??ستان جي معيشت تي مثبت اثر پوندو، جي بي ۾ سياحت ۽ مهمانوازي جي شعبي جي ترقي لاءِ بنا وياج جي قرضن جي فراهمي لاءِ قدم جاري آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بل??ستان اسيمبلي جي نون چونڊيل ميمبرن سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ڪشمير ۽ گلگت معاملن وارو وفاقي وزير علي امين گنڊاپور، گلگت بل??ستان اسيمبلي جو اسپيڪر سيد امجد علي زيدي ۽گلگت بل??ستان اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر به موجود هو. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته گلگت بل??ستان کي قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. گلگت بل??ستان بي پناهه قدرتي حسن جو مالڪ آهي، سياحت جي فروغ لاءِ قدمن جي ضرورت آهي. هن چيو ته گلگت بل??ستان ۾ تازيون چونڊون شفاف انداز ۾ منعقد ٿيون، گلگت بل??ستان ۾ فور جي سهولت ۽ انٽرنيٽ جي فراهمي لاءِ فنڊز جلد مهيا ڪنداسين. هن چيو ته آن لائن تعليم حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون ختم ڪرڻ لاءِ بنيادي انفرااسٽرڪچر جلد تعمير ڪيو ويندو.