اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب سنڌ کانپو??ِ پنجاب ۾ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي مل?? ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 59 فوتگيون ٿيون جنهن مان 42 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي مل?? ۾ ڪورونا جي هڪ هزار 37 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 59 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 55 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 4 مري?? گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. مل?? جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 30 سيڪڙو، پشاور 27 سيڪڙو، لاهور ۾ 35 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 28 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح مل?? جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 42 سيڪڙو، ملتان ۾ 32 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 24 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 24 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 32 هزار 149 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 136، پنجاب ۾ 11 هزار 809، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 859، اسلام آباد ۾ 4 هزار 283، بلوچستان ۾ 546، گلگت بلتستان ۾ 331، آزاد ڪشمير ۾ 185 ٽيسٽ ش??مل آهن. هيستائين سڄي مل?? ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 11 هزار 502 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي مل?? ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 265 مريض آهن. سڄي مل?? ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 31 هزار 983 آهي.