اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گذريل رات بلوچستان جي علائقي هرنائي ۾ ايف سي چوڪيءَ تي دهشتگردن جي حملي جي نتيجي ۾ 7 بهادر ف??جين جي شهادت تي ڏک ۽ افسوس جو اظ??ار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان واقعي ۾ شهيد ٿيندڙ جوانن جي گهرڀاتين سان دلي همدر??ي ۽ تعزيت جو اظ??ار ڪيو ۽ انهن جي درجن جي بلندي جي لاءِ دعا ڪئي.