اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪابينا ڪورونا ??ائرس جي ويڪسين حاصل ڪرڻ، استعمال جي طريقيڪار جي اصولي م??ظوري ڏئي ڇڏي آهي، سڀ کان اڳ ڪورونا ??ائرس جي خلاف وڙهندڙ هيلٿ ورڪرز، ٻي ترجيح ۾ 60 سالن جي عمر کان وڏن ماڻهن جڏهن ته ٽئين ترجيح ۾ ڪورونا ??ائرس جي عام م??يضن کي اها ويڪسين لڳائي ويندي، 2021ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ ڪورونا ??يڪسين پاڪستان پهچڻ جو امڪان آهي، ڪابينا ڪورونا جي علاج ۾ موثر ثابت ٿيندڙ دوا REMDESIVIR جي 100 ملي گرام انجيڪشن جي قيمت 9244 رپين مان گهٽ ڪري 5680 رپيا مقرر ڪرڻ کانسواءِ ايئر سيال پرائيويٽ لميٽيڊ جي ريگيولر پبلڪ ٽرانسپورٽ لائيسنس جي تجديد، دفاع واري وزارت کي پاڪستان نيوي انجنيئرنگ ڪاليج ۽ يلديز ٽيڪنيڪل يونيورسٽي ترڪيءَ جي وچ ۾ تعاون جي پروٽوڪول ۽ صحيحون ڪرڻ، پوسٽل لائيف انشورنس ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي م??رري ۽ اسلام آباد ميٽرو پوليٽن ڪلب جي عمارت وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي حوالي ڪرڻ جي م??ظوري پڻ ڏئي ڇڏي آهي ۽ ان بلڊنگ ۾ نيشنل ڪاليج آف آرٽس جو اسلام آباد ڪئمپس قائم ڪرڻ جي والي سان ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا پنهنجون سفارشون جوڙيندي.