اسلام آباد – 16 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان لاڪ ڊائون ۾ نرمي عوام جي زندگين ۾ آساني، ضرورت جي شين جي ??قت سر فراهمي ۽ ٻين سهولتن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪئي آهي، ان جو مطلب اهو هرگز نه آهي ته ڪورونا جو چئلينج ختم ٿي ويو آهي، ان وبا خلاف ??نگ جاري آهي، اسان کي پاڻ کي به محفوظ ر??ڻو آهي ۽ ٻين کي به بچائڻو آهي.