اسلام آباد – 25 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ ڪپهه جي بحالي ۽ ان شعبي ۾ ملڪي صلاحيت مان ڀرپور فائدو ??ڻڻ جي حوالي سان س??ورين لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ موجود اتفاق راءِ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪپهه جي بحالي سان آ??ادگار ۽ ٽيڪسٽائيل جي شعبي کي فائدو ٿيندو جنهن جي نتيجي ۾ ملڪي معيشت ۾ بهتري ايندي، وزيراعظم چيو ته هڪ زرعي ملڪ هجڻ جي ناتي زرعي شعبي ۾ ريسرچ جو فروغ وقت جي اهم ضرورت آهي، وزيراعظم چيو ته حڪومت پاران ن??شنل ايگريڪلچر ايمرجنسي پروگرام جو مقصد زرعي شعبي کي درپيش مسئلن کي ختم ڪندي جديد ٽيڪنالاجي جي فروغ ۽ پيداوار ۾ اضافي کي يقيني بڻائڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ملڪ ۾ ڪپهه جي بحالي جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.