اسلام آباد – 25 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته منهنجي والد احمد فراز کي پاڪستاني عوام کان بي مثال محبت ملي، هُن پنهنجي قول ۽ فعل ۾ ڪو به تضاد نه رکيو، امن، محبت ۽ انسانيت سندس جي ادبي خدمتن ۽ ع??لي زندگي جو محور رهيو، مون کي سدائين پنهنجي والد جي شاعري ??ان رهنمائي ملي آهي، نوجوانن کي احمد فراز جي شاعري ?? تعليم ??ان فائدو کڻڻ گهرجي، لکندڙن کي معاشري جي بهتري لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکڻيون پونديون، اهي ئي قومون ترقي ڪنديون آهن جيڪي پنهنجي روايتن ۽ قدرن کي يا?? رکنديون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهره آفاق شاعر ۽ اديب احمد فراز جي 12 هين ورسي جي موقعي تي انهن جي قبر تي حاضري، فاتحه خواني کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ۽ اڪيڊمي ادبيات پاڪستان جي اهتمام هيٺ احمد فراز جي يا?? ۾ دعائيه گڏجاڻي کي خطاب ڪندي ڪيو.