اسلام آباد – 22 آگسٽ (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد حسين چوڌري چيو آهي ته صحافت جي ??عبي ۾ ٽيڪنالاجي کي فر??غ ڏيڻ ضرورت آه??، سمورن صوبائي اسيمبلين کي يوٽيوب چئلنز شروع ڪرڻ گهرجن، پرنٽ ميڊيا کي ڪيترائ?? چئلينج درپيش آهن، عوام جي ??وشحالي لاءِ وسيلن جي منصفاڻي ورڇ ضروري آهي، نيب حڪومت جي ??نتظام هيٺ ناهي، پنجاب حڪومت نواز شريف جي ميڊيڪل رپورٽ جي ??اچ ڪندي، اطلاعات واري وزارت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي ڏسي خوشي ٿي، ميڊيا ٽريننگ ورڪشاپ ۽ ان کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته اطلاعات واري وزارت جي ٻن سالن جي ڪارڪردگي ڏسي خوشي ٿي،جن ستن نڪتن تي مون ڪم ڪيو هو هاڻي به اهي هلي رهيا آهن، هن تجويز پيش ڪئي ته صوبائي اسيمبلين کي يوٽيوب چئنلز شروع ڪرڻ گهرجن، عوام اسيمبلين جي ڪارروائي ۽ قانونسازن جي ڪارڪردگي ڏسي سگهندي، هن چيو ته اسان جمهوريت سان فاشزم جو رستو روڪڻو آهي ته ان ۾ صحافين جو ڪردار اهم آهي.