لاهور – 07 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ف??صل آباد سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، صلاحڪار مرزا شهزاد اڪبر ۽ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن ۾ چوڌر?? محمد عاصم نذير، نواب شير وسير، رضا نصرالله گهمن، خرم شهزاد، فرخ حبيب، فيض الله ۽ راجا رياض احمد شامل هئ??. ق??مي اسيمبلي ميمبرن وزيراعظم کي پنهنجي لاڳاپيل تڪن ۾ ترقياتي ۽ فلاحي منصوبن جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هنن وزيراعظم کي ڪورونا وائرس جي وبا ??ي صورتحال کان آگاهه ڪندي ان وبا ??ي ضابطو آڻڻ جي لاءِ حڪومتي حڪمت عملي تي خراج تحسين پيش ڪيو. ميمبرن ڪورونا وائرس جي وبا ??وران موثر ڪارڪردگي تي ف??صل آباد انتظاميا کي پڻ ساراهيو.