اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عيدالاضحيٰ ج?? خوشي جي ??وقعي تي پوري قوم ۽ ملت اسلاميه کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته عيدالاضحيٰ جي ??وقعي تي قرباني جو مقصد ان عزم جو ??رج??ءُ آهي ته حق جي راهه تي هلڻ ۽ استقامت اختيار ڪرڻ ۾ اسان کي جيڪي به مشڪلاتون پيش اچن ۽ جهڙي به قرباني ڏيڻي پوي اسان ان کان نه ڪيٻائينداسين. عيدالاضحيٰ جي ??وقعي تي پنهنجي ??يغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته سڄي دنيا هن وقت انتهائي نازڪ صورتحال مان گذري رهي آهي. ڪوورنا وائرس جي ??با سڄي انسانيت جي ??اءِ چئلينج بڻجي آئي آهي. منهنجي ??اڪستاني قوم کي اها درخواست آهي ته قرباني جي عيد جي ??وقعي تي سموريون احتياطي تدبيرون اختيار ڪندي قرباني جو واجب سرانجام ڏيندي غريب ۽ ضرورتمند طبقي کي به پاڻ سان شامل رکي. منهنجي الله تعاليٰ کان دعا آهي ته هو ان وبا ک?? منهن ڏيندڙ سمورن ماڻهن جي حفاظت فرمائي ۽ ان??ن کي بهترين اجر عطا فرمائي ۽ اسان کي جلد کان جلد ان مان ڇوٽڪارو عطا فرمائي.