اسل??م آباد – 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان زرعي شعبي جي فروغ ۽ خاص طور تي ننڍن آب??دگارن کي رليف ڏيڻ جي لاءِ ٽيوب ويلز جي ح??الي سان بجلي جي قيمتن تي سبسڊي ڏيڻ جي تجويز ??ي صوبن جي مشاورت سان حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. هو زرعي شعبي ۾ ٽيوب ويلز تي سبسڊي ڏيڻ جي تجويز جي ح??الي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي ته زرعي شعبي جي فروغ ۽ خاص طور تي ننڍن آب??دگارن کي رليف ڏيڻ جي لاءِ ٽيوب ويلز جي ح??الي سان بجلي جي قيمتن تي سبسڊي ڏيڻ جي تجويز تي مشاورت ۾ صوبن کي شامل ڪري حڪمت عملي جوڙي وڃي.