اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو آهي ته وزيراعظم جي ڪورونا رليف فنڊ تحت ملندڙ درخواستن جي تناسب سان احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام ۾ سنڌ جو ??صو 22.45 سيڪڙو مان وڌائي 31 سيڪڙو ڪيو ويو آ??ي، سياست کان مٿانهون ٿي ڪري ان حڪومتي قدم سان سنڌ جي لاءِ هاڻي 60 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن جنهن سان سڄي صوبي ۾ 50 لک کان وڌيڪ مستحق خاندان احساس امداد حاصل ڪري سگهندا، پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر ثانيه نشتر چيو ته گذريل ڏينهن وزيراعظم سنڌ صوبي جي لاڙ??اڻ?? ضلعي ۾ قائم احساس ايمرجنسي ڪيش ادائيگي مرڪز جو دورو ڪيو، انتظامن ??و جائزو ورتو ۽ امدادي رقم جي وصولي لاءِ ايندڙ اهل پورهيتن سان ملاقات ڪئي