اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ايس او پيز جون خلاف ورزيون جاري رهيون ته ايندڙ مهيني تائين ڪورو??ا ڪيسن جو انگ 1.2 ملين تائين پهچي سگهي ٿو. وفاقي وزير اسد عمر اي?? سي او سي ۾ اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ان خدشي جو اظهار ڪيو ته حڪومت پاران ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ايس او پيز تي عملدرآمد نه ڪيو ويو ته جولاءِ جي آخر تائين ڪورونا وائرس ڪيسن جو انگ 1 ملين کان 1.2 ملين تائين پهچي سگهي ٿو. هن چيو ته جون جي وچ تائين ڪورو??ا ڪيسن جو انگ ڏيڍ لک تائين پهچي ويو آهي ۽ ماهرن موجب جيڪڏهن اها ئي صورتحال رهي ته جون جي آخر تائين 3 لک جڏهن ته جولاءِ جي آخر تائين ڪورو??ا ڪيسن جو انگ 1 ملين کان 1.2 ملين تائين پهچي ويندو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريش?? سينٽر ۾ اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته يقينن ??ها ڳالهه پريشان ڪندڙ آهي پر سٺي ڳالهه اها آهي ته اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان انتظامي قدمن جي صلاحيت رکون ٿا. هن چيو ته اڳ ۾ ئي ايس او پيز جون خلاف ورزيون ڪندڙن جي خلاف ايڪشن ورتو پيو وڃي جڏهن ته اي?? سي او سي هاڻي اهڙن ماڻهن جي خلاف سخت ايڪشن جو فيصلو ڪيو آهي.