اسلام آباد – 11 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته خواجه آصف جي تقرير ڪورونا وائرس ??ي وبا جي ڪري خطي ۽ عالمي سطح تي درپيش حال??ن کان مڪمل لاعلمي جو ثبوت آهي، سندس بيان تضادن۔سان ڀرپور ۽ حقيق??ن کي مسخ ڪرڻ جي ڪوشش آهي، مخالف ڌر پنهنجي سياست جي لاءِ عوام جي زندگين سان نه کيڏي، سياسي جادوگر پارليامينٽ جو ??ورم استعمال ڪري عوام کي گمراهه نٿا ڪري سگهن، ماضي جي حڪومتن ملڪ جي ا??ار?? کي تباهه ڪري ڇڏيو. پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته عمران خان ملڪ جو رخ درست ڪري خوشحالي ۽ ترقي جي راهه تي آندو آهي، پاڪستان جي عوام باشعور آهي، ملڪي مفادن تي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيندڙ عوام کي وڌيڪ بيوقوف نٿا بڻ??ئي سگهن، ماضي جي حڪومتن ذاتي مفادن ۽ فائدن جي لاءِ ا??ار?? کي مفلوج ڪيو، پنهنجي منشور تحت اسان ا??ار?? ۾ سڌارا آڻي سروس ڊليوري بهتر بڻ??ئي رهيا آهيون.