اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو. وفاقي ڪابينا کي شگر انڪوائري رپورٽ جي سفارشن جي روشني ۾ مستقبل جي حڪمت عملي ۽ لاڳاپيل ادارن پاران وڌيڪ ڪارروائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وز??راعظ?? اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت پارا?? شگر انڪوائري جو مقصد انهن سببن ۽ حقيقتن کي ??ام??ون آڻڻ هو جن جي ڪري کنڊ جي قيمتن ۾ اضافو ڏسڻ ۾ آيو ۽ عوام تي غيرضروري بار وڌو ويو. هن چيو ته انڪوائري جي نتيجي ۾ ??ام??ون ايندڙ سمورين حقيقتن جي روشني ۾ نظام ۾ موجود ڪوتاهين جي درستگي ۽ سڌارن جي لاءِ قدم کنيا ويندا. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته انڪوائري رپورٽ جي روشني ۾ ??ام??ون ايندڙ حقيقتن جو جائزو ??ٺڻ لاءِ بين الوزارتي ڪميٽي جوڙي ويندي جيڪا مختلف رخن کان رپورٽ جو جائزو وٺندي ۽ موجوده نظام بشمول ريگيوليٽرز جي موثر ڪردار جي حوالي سان ٺوس سڌارن جي لاءِ سفارشون جوڙيندي. وز??راعظم چيو ته انهن قدمن جو مقصد ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته مستقبل ۾ عوام کي استحصال ۽ غيرضروري قيمتن ۾ اضافي جي بار کان محفوظ رکي سگهجي. ڪابينا کي صوبن پاران ڪڻڪ جي خريداري جي حوالي سان هيستائين جي اڳڀرائي ۽ مستقبل ۾ طلب ۽ پهچ جي ڪاٿن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.