اسلام آباد – پهرين اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس جي خلاف جنگ ڪندڙ ڊاڪٽرن کي خ??اج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته حڪومت ۽ پوري قوم انهن سان گڏ بيٺل آهي، ڊاڪٽرن جي حفاظت يقيني بڻائڻ جي لا??ِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، پاڪستان ۾ اها وبا ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ گهٽ پکڙي ۽ فوتگين جي شرح پڻ تمام گهٽ آهي، ماضي ۾ صحت جي شعبي کي نظرانداز ڪيو ويو جڏهن ته هاڻي سهولتن جي فراهمي لا??ِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪنٽونمينٽ ج??رل اسپتال راولپنڊي جي افتتاح جي مو??عي تي ڳالهائيندي ڪيو.