اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي 7 ارب رليف پئڪيج تحت سڄي ملڪ جي يوٽيلٽي اسٽورز تي اڄ اربع کا?? کنڊ، دالين، چانور ۽ گيهه سميت ٻين ضرورت جي شين تي 7 رپين کا?? 40 رپين تائين جي سبسڊي ڏني ويندي، پئڪيج تحت سستي ضرورت جي شين جي فراهمي تي يوٽيلٽي اسٽورز ٻاهران ڊگهيون قطارون لڳنديون، يوٽيلٽي اسٽورز تان شيون خريد ڪندڙن جو سڃاڻپ ڪارڊ نمبر داخل ڪيو ويندو، هڪ مهيني ۾ ماهوار راشن هڪ ئي ڀيرو حاصل ڪري سگهبو، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن مارچ جي لاءِ 5 ارب جي خريداري مڪمل ڪري ورتي، پاسڪو کا?? 2 لک ڪڻڪ سستي اگهن تي حاصل ڪئي وئي آهي، ويجهي مستقبل ۾ رليف پئڪيج تحت 50 ملين غريب، بي سهارا، لاچار خاندانن کي راشن ڪارڊ ڏنا ويندا، مستحق، لاچار ۽ پيڙهيل ڪمزور طبقن جي زندگي کي خوشحال بڻائڻ ۽ انهن جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ وزيراعظم عمران خان جو نصب العين، حڪومت جي ڪمٽمينٽ ۽ مديني جي رياست جي سوچ جي عڪاس آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي چيئرمين ذوالقرنين علي خان ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي اي?? ڊي سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهي هئي.