اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي عالمي برادري، گڏيل قومن ۽ سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آه?? ته ايران آمريڪا تڪرار جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪن، سڀ کان پهرين ڪوشش جنگ جي خلاف ۽ امن جي حق ۾ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ آه??، اسان واضح ڪيو آه?? ته ڪنهن به صورت ۾ ڪنهن به دوست يا پاڙيس??ي ملڪ جي خلاف پنهنجي سرزمين استعمال ٿيڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اسان باهه لڳائڻ ۾ نه باهه وسائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين، پاڪستان هڪطر??ي قدم ۽ طاقت جي استعمال جي خلاف آه??، عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جو احترام چاهيون ٿا، جيڪڏهن آمريڪا ايران تڪرار وڌيو ته تيل جون قيمتون ۽ عالمي معيشت سخت متاثر ٿيندي ۽ خطي جي امن تي ان جا منفي اثر پوندا، اسان سڀني جي اولين ذميوا??ي ملڪ جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ آه??، پاڪستان اسان جي پهرين ترجيح آه?? ۽ رهندي. قومي اسيمبلي ۾ وچ اوڀر جي صورتحال تي پاليسي بيان ۽ مسلم ليگ (ن) جي خواجه محمد آصف پاران اٿاريل نقطن جو جواب ڏيندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته خواجه آصف پاڻ ان عهدي تي رهيو آه?? ۽ هو ايترو بي خبر آه??، جنهن تي مون کي حيرت ٿي آه??.