اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات جي خاص مددگار ڊڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) سميت ٻي رياستي ميڊيا جي ذميداري قومي ب??اني کي سگهه ڏيڻ آهي، رياستي ميڊيا پاڪستان جي روشن تشخص کي روشناس ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ا??ا ڪري رهي آهي، وزيراعظم جي هدايت تي اي پي پي کي مضبوط رياستي ادارو بڻائن جي ايجنڊا تي عمل پيرا ??هيون. هو ڪالهه اربع جي شام مقامي هوٽل ۾ اي پي پي ايمپلائيز يونين (سي ب?? اي) طرفان پنهنجي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي کي خطاب ڪري رهي هئي، وزيراعظم جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته اي پي پي هڪ اهڙو ادارو آهي جنهن سان پاڪستان جو نالو ڳنڍيل آهي، اي پي پي ۾ ڪم ڪندڙن جو رشتو پاڪستان سان قائم آهي، هن چيو ته اي پي پي کي هڪ مستند ادارو بڻائڻ وزيراعظم عمران خان جو ويزن آهي، جڏهن ته ادارن ک?? فعال ۽ بااختيار بڻائڻ اسان جي ذميداري آهي، هن چيو ته اسان ک?? ان اداري جي ب??تري لاءِ يونين سميت سمورن ملازمن ک?? گڏ کڻي هلڻو آهي، اداري جا حقيقي اسٽيڪ هولڊرز ان جا ملازم آهن.