اسلام آباد – 07 ڊسمبر (اي ??ي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خا?? معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ڪامياب جوان ??روگرام جي پهرين مرحلي ۾ 100 ارب روپيا رکيا ويا آهن، سمورا قرض ميرٽ تي ڏنا ويندا، وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي يقين رکي ٿو ته قوم ۽ معاشرو ميرٽ کي فروغ ڏئي فلاح ۽ ترقي حاصل ڪري سگهي ٿو. سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي ڇنڇر ڏينهن پنهنجي هڪ پيغام ۾ خا?? معاون ڪامياب جوان ??روگرام تحت قرض حاصل ڪندڙ نوجوانن کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته هي پروگرام مستقبل جي معمارن جي ڪ??ميابي جي ضمانت ۽ انهن جي ترقي لاءِ اڻٽر آهي.