اسلام آباد – 07 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي 7 ارب ??لي?? پئڪيج تحت سڄي مل?? جي يوٽيلٽي اسٽورز ??ي اڄ اربع کان کنڊ، دالين، چانور ۽ گيهه سميت ٻين ضرورت جي شين تي 7 رپين کان 40 رپين تائين جي سبسڊي ڏني ويندي، پئڪيج تحت سستي ضرورت جي شين جي فراهمي تي يوٽيلٽي اسٽورز ٻاهران ڊگهيون قطارون لڳنديون، يوٽيلٽي اسٽورز تان شيون خريد ڪندڙن جو سڃاڻپ ڪا??ڊ نمبر داخل ڪيو ويندو، هڪ مهيني ۾ ماهوار راشن هڪ ئي ڀيرو حاصل ڪري سگهبو، يوٽيلٽي اسٽورز ڪا??پوريشن مارچ جي لاءِ 5 ارب جي خريداري مڪمل ڪري ورتي، پاسڪو کان 2 لک ڪڻڪ سس??ي اگهن تي حاصل ڪئي وئي آهي، ويجهي مستقبل ۾ ??لي?? پئڪيج تحت 50 ملين غريب، بي سهارا، لاچار خاندانن کي راشن ڪا??ڊ ڏنا ويندا، مستحق، لاچار ۽ پيڙهيل ڪمزور طبقن جي زندگي کي خوشحال بڻائڻ ۽ انهن جي زندگي جو معيار بلند ڪرڻ وزيراعظم عمران خان جو نصب العين، حڪومت جي ڪمٽمينٽ ۽ مديني جي رياست جي سوچ جي عڪاس آهي. وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ يوٽيلٽي اسٽورز ڪا??پوريشن جي چيئرمين ذوالقرنين علي خان ۽ يوٽيلٽي اسٽورز ڪا??پوريشن جي ايم ڊي سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهي هئي.