اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته بلوچستان ص??بي سان تعلق هجڻ جي ڪري ان ڳالهه تي فخر محسوس ڪندو آهيان، نوشڪي ۽ جاگير جي ضلعن ۾ فور جي سروس جي فراهمي خوش آئنده آهي، ترقياتي منصوبن ۽ جديد ٽيڪن??لا??ي تائين پهچ جي ذريعي بلوچستان قومي ترقي جي مرڪزي دائري ۾ شامل ٿي رهيو آهي. يونيورسل سروس فنڊ ۽ ٽيلي نار ج?? وچ ۾ بلوچستان ص??بي جي ضلعن چاغي ۽ نوشڪي ۾ تيز رفتار موبائيل براڊ بينڊ فور جي منص??بي جي معاهدي تي صحيح ڪرڻ جي تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن کي خطاب ڪندي هن چيو ته ترقياتي منصوبن ۽ جديد ٽيڪن??لا??ي تائين پهچ جي ذريعي بلوچستان قومي ترقي جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ٿي رهيو آهي، سڀني اسٽيڪ هولڊرز تي زور ڏيون ٿا ته هو بلوچستان ص??بي جي ٻين پوئتي پيل علائقن ۾ پنهنجي ڪوششن کي وڌ کان وڌ فائديمند بڻائين. نوشڪي ۽ چاغي جي ضلعن ۾ فور جي سروس جي فراهمي خوش آئنده آهي. سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو ته بلوچستان ص??بي سان تعلق رکڻ سبب ان ڳالهه تي فخر مهسوس ڪندو آهيان ته سڄي ص??بي ۾ ماڻهن جي بهتري لاءِ وڌ کان وڌ اهميت رکندڙ منصوبن تي ڪم ٿيندو نظر اچي رهيو آهي، هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته جديد ٽيڪن??لا??ي بلوچستان ص??بي جي چاغي ۽ نوشڪي ضلعن کي دنيا جي ڊجيٽل نقشي تي آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي، س??نيٽ جي چيئرمين پوئتي پيل علائقن کي ڊجيٽل ۽ بااختيار بڻائڻ لاءِ تيزي سان ڪم ڪرڻ تي آءِ ٽي واري وزارت ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن ۽ سڀني لاڳاپيل ڌرين کي مبارڪباد ڏني. هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان صوبو هاڻي به ٽيڪن??لا??ي جي بنيادي ڍانچي جي منصوبن ۾ ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ گهڻو پٺتي آهي، س??نيٽ جي چيئرمين ان انتهائي اهم منص??بي ۾ پنهنجو حصو وجهندڙ سڀني اسٽيڪ هولڊرز جو ٿورو ادا ڪيو، هن چاغي ۽ نوشڪي ضلعن جي ماڻهن کي ان تيز رفتار موبائيل براڊ موبائ??ل فور جي سروس تي مبارڪباد پيش ڪئي، س??نيٽ جي چيئرمين چيو ته سڄي دنيا ۾ ٽيڪن??لا??ي ۽ ڊجيٽلائيزيشن ۾ تمام گهڻي سيڙپڪاري ٿي رهي آهي، انفارميشن ۽ ڪميونيڪيشن ٽيڪن??لا??يز اسان جي زندگي ۾ هر رخ ۾ انقلاب آڻي ڇڏيو آهي، چاهي اها ذاتي هجي يا پروفيشنل، سڄي دنيا جو سماجي ۽ معاشي مستقبل هاڻي تيز رفتار ڊجيٽل رابطن تي ٻڌل آهي، يو ايس ايف ۽ ٽيلي نار جي ڊجيٽلائيزيشن حصيداري پوئتي پيل علائقن کي جديد علائقن جي برابر آڻڻ ۾ مدد ڏيندي ۽ ان سان مقامي آبادين کي بي مثال موقعا فراهم ٿيندا، س??نيٽ جي چيئرمين چيو ته بلوچستان ص??بي جي علائقي دالبندين ۾ يونيورسٽي به ٺاهڻ وڃي رهيا آهيون. هن چيو ته نوشڪي ۽ چاغي جي ضلعن ۾ فور جي سروس جي فراهمي خوش آئنده آهي. 70 کان 80 هزار زائرين ان روٽ تي سفر ڪندا آهن. ان سروس جي فراهمي سان بلوچستان ص??بي جي ماڻهن جي احساس محرومي ختم ڪرڻ ۾ مدد ملندي.