اسلام آباد – 07 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان صنعتي ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار ملاقات ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ وزيراعظم کي انڊسٽريل زونز جي تعمير، برآمدي هدف حا??ل ڪرڻ، ننڍي ۽ وچولي درجي جي صنعتن جي ترقي جي لاءِ قدم?? ۽ ??ٽو پاليسي تي عملدرآمد تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته وڏي پئماني تي صنعت جي پيداوار هلندڙ مالي سال جي لاءِ طئي ٿيل هدف کان وڌي وڃڻ جي اميد آهي جيڪا ملڪي اقتصادي صورتحال جي لاءِ خوش آئنده آهي.