اسلام آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاق?? وزير چوڌري فواد حسين سان ڪميٽي ٽو پروٽ??ڪٽ جرنلسٽس (سي پي جي) جي سربراهه سٽيون بٽلر سومر ڏينهن رابطو ڪري افغانستان مان عالمي ص??اف??ن کي نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي ٿورو ادا ڪيو. ان م??قعي تي ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاق?? وزير چيو ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ آزاد صحافت، ص??اف??ن ۽ ميڊيا سان لاڳاپيل ڪارڪنن جي تحفظ جو حامي آهي. هن چيو ته پاڪستان ص??اف??ن جي حقن جي حوالي سان پنهنجي عالمي ذميدارين کان چڱي ريت آگاهه آهي. افغانستان ۾ عالمي ميڊيا جي ميمبرن کي نڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ خصوصي سيل قائم ڪيو آهي. سٽيون بٽلر چيو ته پاڪستان مشڪل وقت ۾ عالمي ص??اف??ن جي نڪرڻ ۾ ذميداراڻو ڪردارا دا ڪيو جيڪو واکاڻ جوڳو آهي.