فيصل آباد – 14 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته عمران خان حقيقي معنيٰ ۾ قائداعظم جي پا??ستان لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي، پا??ستان جو دفاع ۽ حڪومت مضبوط هٿن ۾ آهي، ڪير به ميري اک سان پا??ستان ڏانهن نٿو ڏسي سگهي، پا??ستان جي ترقي، خوشحالي، قومي جهنڊي جي سربلندي لاءِ هر وقت پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو آهي، اڄ اسان کي والاريل ڪشمير جي مظلوم ڪشميرين کي به ناهي وسارڻو، مودي 80 لک ڪشميرين کي قيد ڪري رکيو آهي، سموري حريت قيادت گرفتار آهي. هو ڪمشنر آفيس فيصل آباد ۾ جهنڊو ڦڙڪائڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائي رهيو هو. آزادي جي تحريڪ جي ڪارڪنن، ڪمشنر، فيصل آباد جي ڊي سي، پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ علائقي جي چڱن مڙسن جو وڏو تعداد تقريب ۾ شريڪ هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته جشن آزادي جو موقعو محرم الحرام ۾ آهي، ان جو احترام به آهي، هن چيو ته علامه اقبال جيڪو خواب ڏٺو ان جي تعبير قائداعظم محمد علي جناح جي قيادت ۾ اسان جي بزرگن جي لازوال جدوجهد ۽ قربانين جو نتيجو آهي. هن چيو ته اسان پا??ستان جي آزادي جي شهيدن کي سلام پيش ڪريون ٿا، پا??ستان جي حفاظت لاءِ جانين جو نذرانو ڏيڻ ۽ انهن مائرن کي به خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا جن جي ٻارن پنهنجي رت سان پا??ستان جي اندر امن جا ڏيئا روشن ڪيا آه??، هن چيو ته پا??ستان جي هٿياربند فوج کي به خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، سياچن کان وٺي ڪشمير، افغانستان کان وٺي چولستان جي سخت اُس ۾ پا??ستان جي دفاع کي فتح نه ٿ??ڻ جوڳو بڻائيندڙن کي به سلام پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته پا??ستان دنيا جي ايٽمي طاقت آهي، الله تعاليٰ پا??ستان کي بي شمار نعمتن سان نوازيو آهي، دنيا جون بلند ترين جابلو چوٽيون پا??ستان ۾ موجود آهن، ساڍا ڇهه سئو ڪلوميٽر تائين ساحلي علائقو، ٻنيون ٻارا به آهن، اسان جي مشهور رانديگرن دنيا ۾ پا??ستان جو نالو روشن ڪيو، هن چيو ته 90 لک پا??ستاني دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پنهنجي رت ۽ پگهر جي ڪمائي مٽاسٽا ناڻي جي ذريعي پا??ستان موڪلي رهيا آهن، اهي پا??ستان لاءِ سوچيندا آه??، هن چيو ته جيڪو اصول قائداعظم محمد علي جناح ايمان، اتحاد تنظيم جو رکيو هو انهي کي اڳ??ي وٺي هلڻو آهي. اسان کي حقيقي معنيٰ ۾ پا??ستان کي قائد جو پا??ستان بڻائڻو آهي. ڪا به طاقت پا??ستان ڏانهن ميري اک سان نٿي ڏسي سگهي، پا??ستان جي ترقي، خوشحالي، قومي جهنڊي جي سربلندي لاءِ هر وقت پنهنجو ڪردا ادا ڪرڻو آهي، هن چيو ته اڄ اسان کي والاريل ڪشمير جي مظلوم ڪشميرين کي به ناهي وسارڻو، مودي 80 لک ڪشميرين کي قيد ڪري رکيو آهي، سموري حريت قيادت گرفتار آهي، هن چيو ته اهو وقت پري ناهي جڏهن ڪشمير جا جوان، بزرگ، مائرون ۽ ڀينرون به آزادي جو ساهه کڻي سگهنديون، پا??ستان ڪشميرين جي پرامن جدوجهد جي حمايت جاري رکندو.