ڪراچي – 17 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي صدارت ۾ پيئڻ جي صاف پاڻي جي معاملن تي گورنر هائوس ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ڪي?? ويو. گورنر هائوس مان جاري ڪي?? پريس رليز موجب اجلاس ۾ ڪي فور ۽ ٽي پي فور پراجيڪٽس بابت تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي و??ي. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل، ايم پي اي حليم عادل ??ِخ?? ايم پي اي فردوس شميم نقوي ۽ حبڪو جي ماهرن جي 5 رڪني ٽيم اجلاس ۾ شريڪ ٿي، صدر ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ تي پنهنجي خدشن جو اظهار ڪي?? ۽ پاڻي جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ ڊي سيلينيشن پلانٽ لڳائڻ جهڙا امڪان ڳولڻ جي هدايت ڪئي، ان ڏس ۾ پاڻي جي پائيدار حل لاءِ ماهرن تي ٻڌل هڪ ٽيم به جوڙي و??ي جنهن جي رپورٽ ۽ عملي سفارشن تي عملدرآمد جون به هدايتون ڏنيون، هن وڌيڪ چيو ته چونڊيل نمائندا هجڻ جي ناطي اسان جي ذميداري آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪريون، ماهرن جي ٽيم پاڻي جي دستياب وسيلن، جاري منصوبن ۽ مستقب?? جي اسڪيمن جي حوالي سان به آگاهي فراهم ڪئي.