اسلام آباد – 09 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ??يو آهي ته پاڪستان ۾ اسان هڪ ڪروڙ ماڻهن کي ويڪسينيشن لڳائڻ جو هدف ??ڪمل ڪري ورتو آهي، پاڪستان ڪورونا جي خلاف جهڙي طرح جنگ وڙهي سڄي دنيا ان جو اعتراف ڪيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن ??يو ته وزيراعظم جهڙي طرح ان ذهني ويڙهاند ۾ قوم کي هڪ لمحو به مايوس ٿيڻ نه ڏنو ۽ اين سي او سي وزيراعظم جي پاليسي کي لاڳو ڪيو ان جي جيتري واکاڻ ڪئي وڃي اها گهٽ آهي.