اسلام آباد – 27 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته پيپ??زپ??رٽي مجموعي طور 32 سيڪڙو، مسلم ليگ (ن) 56 سيڪڙو جڏهن ته موجوده حڪومت ٽن سالن ۾ 21 سيڪڙو قرض ورتو، حڪومت ساليانو 3 هزار ارب روپيا قرض ادا ڪرڻ لاءِ ڏئي رهي آهي. موجوده حڪومت پيپ??زپ??رٽي ۽ ن ليگ جي ورتل ق??ضن کي واپس ڪري رهي آهي، جيڪڏهن بجيٽ مان ق??ضن تي وياج جي ادائيگي ڪڍون ته حڪومت جو پرائمري بيلنس سرپلس ۾ آهي، يعني بجيٽ موجب حڪومتي آمدني خرچن کان وڌيڪ آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول زرداري جي بيان تي پنهنجي رد عمل ۾ چيو ته 2008ع ۾ ٻاهريان قرض 46 بلين ڊا??ر هئا جيڪي 2013ع تائين وڌي ڪري 60.09 ملين ڊا??ر هئا، پيپ??زپ??رٽي جي دور ۾ ٻاهرين ق??ضن ۾ 32 سيڪڙو اضافو ٿيو، 2013ع کان 2018ع تائين ملڪ جا ٻاهريان قرض 95.24 بلين ڊا??ر هئا، مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ ٻاهرين ق??ضن ۾ 56 سيڪڙو اضافو ٿيو، موجوده حڪومت مارچ 2021ع تائين مجموعي ق??ضن جو 21 سيڪڙو قرض ورتو، موجوده حڪومت پيپ??زپ??رٽي ۽ ن ليگ جي ورتل ق??ضن کي واپس ڪري رهي آهي. هن چيو ته سڀئي ڪاميابيون وزيراعظم عمران خان جي دانشمنداڻي پاليسين ۽ فيصلن جي ڪري حاصل ٿيون آهن.