اسلام آباد – 27 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير ??ين??ٽر شبلي فراز چيو آهي ته اظهار راءِ تي ڪا پابندي نه آهي، ڪجهه چينلز ۽ اخبارون خاص ايجنڊا تي ڪم ڪري رهيون آهن، ڪڏهن به ڪنهن چينل ۽ اخبارن جا اشتهار روڪڻ جو حڪم ناهي ڏنو، اهي ادارا جيڪي حڪومت تي تنقيد ڪن ٿا انهن کي به اشتهار ڏنا ويا آهن، پي ٽي آءِ جي حڪومت روايتي حڪومت نه آهي، نئين پارٽي نئين سوچ سان حڪومت هلائي رهي آهي. هو ??ين??ٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪري رهيو هو. ??ين??ٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي ??يئرمين ??ين??ٽر فيصل جاويد جي صدارت ۾ پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري و??ارت کان قومي اشتهارن جي پاليسي تي بريفنگ، پي ٽي وي اسپورٽس جي ??م جي طريقيڪار ۽ مستقبل ۾ نشريات ۽ پروگرام ۾ بهتري جي منصوبابندي جي معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو.