اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب پنجاب کان پوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي مل?? ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 62 فوتگيون ٿيون جنهن مان 40 وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي مل?? ۾ ڪورونا جا هڪ هزار 72 ماڻهن جا ٽيسٽ پازيٽو آيا ۽ 62 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا جن مان 54 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 8 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. مل?? جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 37 سيڪڙو، لاهور ۾ 33 سيڪڙو، پشاور 24 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 26 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح مل?? جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان پشاور ۾ 42 سيڪڙو، ملتان ۾ 32 سيڪڙو، ڪراچي ۾ 21 سيڪڙو ۽ راولپنڊي ۾ 23 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 31 هزار 713 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 9 هزار 599، پنجاب ۾ 11 هزار 273، خيبرپختونخواهه ۾ 5 هزار 10، اسلام آباد ۾ 4 هزار 428، بلوچستان ۾ 611، گلگ?? بلتستان ۾ 361، آزاد ڪشمير ۾ 431 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي مل?? ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 5 لک 14 هزار 951 ٿي چڪو آهي. گگ?? بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي، جڏهن ته سڄي مل?? ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 256 مريض آهن. سڄي مل?? ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 30 هزار 512 آهي. سڄي مل?? ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 5 لک 57 هزار 591 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 9 هزار 291، بلوچستان ۾ 18 هزار 891، گلگ?? بلتستان ۾ 4 هزار 920، اسلام آباد ۾ 42 هزار 188، خيبرپختونخواهه ۾ 68 هزار 786، پنجاب ۾ 1 لک 61 هزار 757 ۽ سنڌ ۾ 2 لک 51 هزار 758 مريض آهن. سڄي مل?? ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 12 هزار 128 آهي جن مان سنڌ ۾ 4 هزار 157 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 22 مريض اسپتالن ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران ان وائرس سبب فوت ٿيا. پنجاب ۾ 4 هزار 948 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 25 مريض اسپتالن ۾ جڏهن ته 4 مريض گهرن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، خيبرپختونخواهه ۾ 1 هزار 970 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران 6 مريض اسپتالن ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيا، اسلام آباد ۾ ڪل 481 فوتگيون جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. بلوچستان ۾ 197 فوتگيون، جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن دوران هڪ مريض اسپتال ۾ ان وائرس سبب فوت ٿيو. گلگ?? بلتستان ۾ 102 فوتگيون، آزاد ڪشمير ۾ ان وائرس سبب 273 فوتگيون ٿي چڪيون آهن. هيستائين سڄي مل?? ۾ ڪوويڊ – 19 جا 82 لک 88 هزار 91 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي مل?? ۾ ڪوويڊ 19 جي علاج جي لاءِ مخصوص 631 اسپتالن ۾ 2 هزار 168 مريض علاج هيٺ آهن.