اسلام آباد – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي صحت بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آهي ته ڪورو??ا وائرس سبب موت جي شرح ۾ اضافو ڳڻتي جوڳو آهي، جيڪڏهن ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني نه بڻايو ويو ته صورتحال وڌيڪ خطرناڪ ٿي ويندي، حڪومت طرفان وبا جي ر??ڪٿ??م لاءِ کنيل قدمن تي مطئمن آهيان پر عوام کي اپيل آهي ته هو حالتن جي نزاڪت کي سمجهي ۽ احتياط ڪري. نجي ٽي وي چيئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ڪورونا جي بگڙجندڙ صورتحال جي ڪري موسم ۽ رهڻي ڪهڻي فيڪٽرز آ??ن، جيڪڏهن ماڻهو احتياط ڪن ته ڪورونا خلاف جنگ تيزي سان کٽي سگهجي ٿي، ٻي صورت ۾ حڪومت سخت فيصلا ڪرڻ تي مجبور ٿيندي.