اسلام آباد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وز??ر سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مخالف ڌر استعيفائن جو ڪارڊ وقت کان اڳ کيڏي پنهنجو پاڻ کي بند گهٽيءَ ۾ بيهاري ڇڏيو آهي، پيپلزپارٽي ڪنهن به صورت ۾ صوبي جو اقتدار ??ه ڇڏيندي، مولانا فضل الرحمان گذريل ڀيري جي دوکي جو انتقام وٺڻ جي لاءِ بي تاب آهي، سياسي اداڪار ??واز شريف اڳوڻي و??ير??عظم جوڻيجو جي پٺيءَ ۾ ڇڙو هنيو، غلام اسحاق خان سان گڏجي بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائي، آءِ جي آءِ جي پليٽ فار?? تان نواز شريف بينظير ڀٽو کي مختلف لقبن سان نوازيو. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.