اسلام آباد – 15 نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت جو صحت سهولت جو پروگرام سماجي صحت جي تحفظ جو هڪ عالمگير فليگ شپ پروگرام آه??، جنهن وسيلي غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ ماڻهن کي علاج جي مفت سهولتن جي فراهي يقيني بڻائي ويندي آه??. اهو پروگرام انڊور پيشنٽ جي سارسنڀال ۽ علاج لاءِ آه?? تنهن هوندي به مستقبل ۾ ان جو دائرو آئوٽ ڊور مريضن تائين وڌايو ويندو. مستحقين جي چونڊ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ذريعي ڪئي ويندي آه?? جنهن جي نادرا تصديق ڪندو آه??، سرڪاري ذريعن موجب قومي خوشحالي سروي جي ذريعي غربت بابت ڊيٽابيس کي شامل ڪيو ويندو، 2016ع کان 2018ع جي دوران ان پروگرام جي پهرين مرحلي جو آغاز ڪيو ويو جنهن جو مرڪز غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاريندڙ خاندان آه??. ان پروگرام تحت گهٽ خرچ وارين بيمارين جي لاءِ ساليانو 50 هزار جڏهن ته 2 لک 50 هزار روپيا هر ان خاندان کي فراهم ڪيا پيا وڃن جن ۾ 7 ترجيحي بيمارين مان ڪنهن هڪ جي نشاندهي ٿيندي، ان عرصي دوران اهو پروگرام سڄي ملڪ جي 38 ضلعن ۾ شروع ڪيو ويو جنهن ۾ 32 لک خاندانن کي پهچ ڏني وئي آه??. 2019ع ۾ ان پروگرام جي ٻئي مرحلي جو آغاز ڪيو ويو، ان پروگرام تحت اهڙيون بيماريون جنهن جا گهٽ خرچ آه?? في خاندان 60 هزار روپيا جڏهن ته اهڙين بيمارين جنهن جا خرچا وڌيڪ ايندا هجن انهن تي في خاندان 3 لک روپيا ڏنا ويا ۽ ان جو دائرو 92 لک خاندانن تائين وڌايو ويو، اهو پروگرام آزاد ڄم??ن ۽ ڪشمير سميت گلگت بلتستان، پنجاب، ٿرپارڪر ۽ خيبرپختونخواهه جي پٺئتي پيل ضلعن جي ضرور??من?? خاندانن کي سهولت فراهم ڪري رهيو آه??، قومي صحت ڪارڊ جي پروگرام ۾ مريضن جا آپريشن، دل جي مريضن کي اسٽنٽس وجهڻ، ڪينسر جي مريضن جي علاج، نيورو سرجيڪل پروسيجر، باهه سبب سڙيل مريضن جو علاج، حادثن ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهو، گردي جي مريضن جي لاءِ ڊائيلاسز، انتهائي نگهداشت جي سهولت ۽ ٻي ضروري طبي امدادي فراهم ڪئي ويندي جڏهن ته عورتن جي لاءِ ميٽرنٽي پيڪيج فراهم ڪيو ويو آه??، هلندڙ مالي سال جي دوران وفاقي حڪومت ڪوشان آه?? ته ان پروگرام جو دائري ڪار آزاد ڄم??ن ۽ ڪشمير جي 12 لک خاندانن تائين وڌايو وڃي، وزيراعظم جي قومي هيلٿ سروسز بابت خاص م??دگ??ر ڊاڪٽر فيصل سلطان چيو آه?? ته وزيراعظم عالمگير هيلٿ ڪوريج ويزن تحت نيشنل هيلٿ سروسز واري وزارت صوبن ۽ علائقن جي سهڪار سان صحت سهولت پروگرام کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي آه??. مريضن جي اطمينان جي جائزي مان ظاهر ٿيو آه?? ته 97.5 سيڪڙو اطمينان بخش شرح سامهون آئي آه??، موجوده حڪومت صحت پروگرام جي قبائلي علائقن تائين توسيع ڏئي ڇڏي آه??. نادرا سان رجسٽرڊ معذور ماڻهن جي لاءِ به اها سهولت دستياب هوندي، پروگرام جي اهميت کي نظر ۾ رکندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت پنهنجي منشور تحت سمورن شهرين کي معياري سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ سڄي پاڪستان ۾ صحت سهولت پروگرام تحت صحت انصاف ڪارڊ پروگرام کي سگهه ڏيندي، ان پروگرام تحت غريب خاندانن کي انڊور هيلٿ ڪيئر سروسز جي لاءِ مفت هيلٿ انشورنس فراهم ڪري رهي آه??، هن چيو ته مريضن جي علاج کانپوءِ کين گهرن ۾ منتقلي جي لاءِ ٽرانسپورٽيشن جي سهولت به فراهم ڪئي ويندي.