اسلام آباد – 06 ??وم??ر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سياحتي ماڳن تي معاشي سرگرمين جو وڌيڪ فائدو انهن علائقن جي رهواسين کي ملڻ ضروري آهي، انهن ماڳن جي ص??ائي جو خاص خيال رکيو وڃي ۽ غير ضروري تعميرات کان پاسوڪيو وڃي ته جئين قدرتي خوبصورتي برقرار رهي، ??زيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار سياحتي ماڳن گبين جبه، سوات جي دوري جي موقعي تي ڪيو، وزيراعظم جي آمد تي خيبر پختونخوا جي وڏي وزير محمود خان سندس آجيان ڪئي، ??زيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم کي ص??بائي حڪومت خيبرپختونخوا جي طرفان سڄي ص??بي ۾ سياحت جي فروغ لاءِ کنيل قدمن جي باري ۾ تفيصلي بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گبين جبه ۾ قائم ماحول دوست ڪيمپن?? پوڊز آگسٽ 2020ع کان سياحن لاءِ کولي ڇڏيا آهن جنهن مان روينيو ڪمائڻ سان گڏوگڏ ان علائقي ۾ سياحن جي آمد سان معاشي سرگرمين ۾ اضافو ٿيو آهي.