اسلام آباد – 29 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي ايندڙ مالي سال 21 – 2020ع جي 7137 ار?? رپيا ڪاٿي واري ٽيڪس فري وفاقي بجيٽ جي منظوري ڏئي ڇڏي، اين ايف سي ايوارڊ تحت 2874 ار?? رپين جو روينيو صوبن کي منتقل ڪيو ويندو، سماجي تحفظ جو پروگرام 187 ارب مان وڌائي 205 ار?? رپيا ڪيو ويو، توانائي، خوراڪ ۽ ٻين شعبن ۾ سبسڊي جي لاءِ 179 ار?? رپيا رکيا ويا آهن، اوڳاڙين جو هدف 6573 ار?? رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام جي لاءِ 650 ار?? رپيا رکيا ويا آهن، بجيٽ خسارو جي ڊي پي جو 7 سي??ڙو رهڻ جو امڪان آهي، سيلز ٽيڪس جي شرح 14 سي??ڙو کان گهٽ ڪري 12 سي??ڙو ڪئي وئي، سيمنٽ تي فيڊ??ل ايڪسائيز ??يوٽي 2 رپيا گهٽ ڪري 1 رپيو 75 پئسا ڪئي وئي، پاڪستان ۾ ٺهندڙ موبائيل فونز تي سيلز ٽيڪس ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، درآمدات تي انڪم ٽيڪس جي شرح کي خام مال تي 5.5 سي??ڙو کان گهٽ ڪري 2 سي??ڙو ۽ مشينري تي ٽيڪس 5.5 سي??ڙو مان گهٽ ڪري هڪ سي??ڙو ڪيو ويو آهي، گهٽ ۾ گهٽ پگهار 15 هزار مان وڌائي 25 هزار ڪئي وئي، موٽرسائيڪل رڪشا ۽ 200 سي سي تائين موٽرسائيڪل تي ايڊوانس ٽيڪس ختم ڪيو ويو، ٽيڪس ادا نه ڪندڙ اهڙا ماڻهو جيڪي اسڪول جي ساليانو فيس 2 لک رپين کان وڌيڪ ادا ڪن ٿا، ان کان سئو سي??ڙو وڌيڪ ٽيڪس وصول ڪيو ويندو، ڊبل ڪيبن پڪ ??پ تي فيڊ??ل ايڪسائيز ??يوٽي لاڳو ڪئي وئي، انرجي ڊرنڪس تي ايف اي ڊي 13 سي??ڙو مان وڌائي 25 سي??ڙو، درآمدي سگريٽس، ٻيڙيءَ، سگار ۽ تماڪو جي ٻين شين تي لاڳو فيڊ??ل ايڪسائيز ??يوٽي 65 سي??ڙو مان وڌائي 100 سي??ڙو ڪئي وئي آهي، ڪوويڊ 19 بابت صحت جي ساز و سامان جي درآمد تي جاري ڇوٽ ۾ وڌيڪ ٽن مهينن جي واڌ ڏني وئي آهي، ايندڙ مالي سال دوران جي ڊي پي جي واڌويجهه جي شرح کي 0.4 سي??ڙو مان وڌائي 2.1 سي??ڙو تي آندو ويندو، ڪرنٽ اڪائونٽ خساري کي 4.4 سي??ڙو تائين محدود رکيو ويندو، ناڻي واڌ جي شرح 9.1 سي??ڙو کان گهٽ ڪري 6.5 سي??ڙو تائين آندي ويندي، سڌوسنئون پرڏيهي سي??پڪاري ۾ 25 سي??ڙو تائين جو اضافو ڪيو ويندو. وفاقي وزير حماد اظهر ڪجهه ترميمن سان گڏ مالي بل 2020ع غور هيٺ آڻڻ جي لاءِ پيش ڪيو جنهن ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر پاران ترميمون پيش ڪيون ويون ۽ انهن مان ڪجهه ترميمون منظور ڪري ان کي مالي بل جو حصو بڻايو ويو. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي انگن اکرن موجب ڪل روينيو ڪاٿو 6573 ار?? رپيا آهي جنهن ۾ ايف بي آر روينيو 4963 ار?? رپيا ۽ نان ٽيڪس روينيو 1610 ار?? رپيا شامل آهي. اين ايف سي ايوارڊز تحت 2874 ار?? رپين جو روينيو صوبن کي منتقل ڪيو ويندو. نيٽ وفاقي روينيو جو ڪاٿو 3700 ار?? رپيا آهي. ڪل وفاقي خرچن جو ڪاٿو7137 ار?? رپيا لڳايو ويو آهي. اهڙي طرح بجيٽ خسارو 3437 ار?? رپين تائين رهڻ جي اميد آهي جيڪو جي ڊي پي جو 7 سي??ڙو بڻجي ٿو ۽ پرائمري بيلنس 0.5 سي??ڙو هوندو. غريبن جي احساس پروگرام جي بجيٽ وڌائي 208 ار?? رپيا ڪئي وئي آهي، توانائي، خوراڪ ۽ ٻين شعبن کي مختلف قسم جون سبسڊيز ??يڻ جي لاءِ 179 ار?? رپين جي رقم رکي وئي آهي. ايڇ اي سي جي بجيٽ وڌائي 64 ار?? رپيا ڪئي وئي آهي. گهٽ قيمت تي گهر فراهم ڪرڻ لاءِ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي کي 30 ار?? رپيا فراهم ڪيا آهن. اخوت فائونڊيشن جي قرضه حسنه اسڪيم ذريعي گهٽ لاڳت وارن رهائشي گهرن جي تعمير جي لاءِ ڏيڍ ارب رکيا ويا آهن. بجيٽ ۾ خصوصي علائقن آزاد ڪشمير جي لاءِ 55 ار?? رپيا ۽ گلگت بلتستان جي لاءِ 32 ار?? رپيا رکيا ويا آهن. خيبرپختونخواهه جي ضم ٿيل ضلعن جي لاءِ 56 ار?? رپيا رکيا ويا آهن. ان کانسواءِ سنڌ کي 19 ار?? رپيا ۽ بلوچستان کي 10 ار?? رپين جي خصوصي گرانٽ انهن جي اين ايف سي حصي کان وڌيڪ ڏني وئي آهي.