اسلا?? آباد – 24 جون (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير ح??اد اظهر چيو آهي ته وفاقي حڪومت بجيٽ ۾ ڪو نئون ??يڪ?? ناهي لڳايو، 1600 کاڌي پيتي جي شين تي ڪسٽم ڊيوٽي ۽ 10 ود هولڊنگ ??يڪ?? ختم ڪيا ويا آهن، صحت جي بجيٽ ٻيڻي ڪئي وئي آهي، اين ايف سي ايوارڊ جا فنڊز نه ٿا روڪي سگهجن، ??يڪ?? فري بجيٽ، صحت ۽ تعليم ۾ اضافي، مالي امداد جي پئڪيج ۽ ڪورونا وائرس جي صورتحال ۾ وقت سر فيصلاسازي تمام گهڻي اهميت رکي ٿي، اسان کي پنهنجي وسيلن موجب اڳتي وڌڻو آهي، امير ملڪن جا وسيلا وڌيڪ آهن، اهي مهينن تائين لاڪ ڊائون جي صورتحال ۾ رهي سگهن ٿا، اسان ائين نه ٿا ڪري سگهون. سينيٽ جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 21 – 2020ع جي بجيٽ تي بحث سهيڙيندي وفاقي وزير ح??اد اظهر چيو ته سينيٽ ميمبرن، ڪميٽي جا ٿورا مڃان ٿو جن بجيٽ جي حوالي سان سفارشون ڏنيون آهن، عوام هن بجيٽ ۾ اهو ئي ڏسڻ پئي چاهيو ته پارٽي مفادن کا?? مٿانهون ٿي بجيٽ ٺاهي وڃي ۽ سفارشون ڏنيون وڃن، اسان جي ڪوشش هوندي آهي ته ميمبرن جي سفارشن کي سنجيدگي سان وٺون، چيو ويو ته معيشت جي خراب حالت آهي، ائين نه آهي، ڪورونا لاڪ ڊائون کا?? اڳ ڪرنٽ اڪائونٽ، واپاري خسارو ايترو خراب نه هو، پرائمري سرپلس پهريون ڀيرو ٿيو. 4800 ارب جي ??يڪ?? وصولي جو هدف حاصل ڪرڻ جي حوالي سان پرعزم هئاسين، فارن ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ ٻيڻي ٿي، ايف بي آر پهرين کا?? وڌيڪ ري فنڊ ۽ ڪليمز ڏنا، ڪاروبار کي آسان بڻايو، ان حوالي سان اسان جي عالمي درجابندي بهتر ٿي، ايف اي ٽي ايف جي حوالي سان 27 مان 14 نقطا پورا ڪيا، ڪورونا جي آفت سان پوري دنيا متاثر ٿي، اسان جي معيشت کي به ان سان تمام گهڻو نقصان ٿيو.