اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) قومي اقتصادي ڪائونسل ايندڙ مالي سال 21 -2020ع لاءِ جي ڊي پي جي واڌ جي شرح جي هدفن، شعبي جاتي ترقي جي ڪاٿي ۽ تجويز ڪيل سالياني پلان لاءِ ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ جي به منظوري ڏئي ڇڏي آهي، قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ ٿ??و، اجلاس ۾ هلندڙ ??ال 20 -2019ع جي دوران ملڪي معيشت جي صورتحال ۽ مالي سال 21 -2020ع لاءِ جائزو غور هيٺ آندو و??و، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومت جي ڀرپور ڪوششن کانپوءِ معيشت ۾ واڌ ويجهه ممڪن ٿي تنهن هوندي به ڪورونا وبا جي ڪري اها بري طرح متاثر ٿي آهي، اجلاس ۾ حڪومت طرفان معيشت جي بحالي ۽ خاص طور تي لاڪ ڊائو?? جي اثرن سان معاشري جي غريب طبقن کي محفوط ڪرڻ لاءِ کنيل ق??من کي ساراهيو و??و، اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 21 -2020ع جي دورا?? جي ڊي پي جي گروٿ جي هدفن سان گڏوگڏ زراعت، صنعت ۽ خدمت?? جي شعبن لاءِ شعبه جاتي واڌ جي ڪاٿ?? جي به منظوري ڏني وئي، قومي اقتصادي ڪائونسل تجويز ڪيل سالياني پلان سال 21 -2020ع لاءِ ميڪرو اڪنامڪ فريم ورڪ جي به منظوري ڏني، اجلاس ۾ هلندڙ مالي سال 20 -2019ع لاءِ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو ۽ ايندڙ مالي سال 21 -2020ع لاءِ تجويز ڪيل ترقياتي جائزو به غور هيٺ آندو ويو.