اسلام آباد – 08 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريا?? بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته جيستائين ڀارت ڪشميرين کي انهن جو بنيادي خودمختياري جو حق نه ٿو ڏي ان سان ڪرڪيٽ مقابلا ڪشميرين جي زخمن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر هوندا، راندين جو فروغ صحتمند معاشري جي لاءِ ضروري آهي، ملڪ ۾ انترنيشنل ڪرڪيٽ جي بح??لي سٺو سنئوڻ آهي، ملڪ جي ٻين شهرن ۾ به ڪرڪي?? بحال ڪنداسين، وزيراعظم ڪرڪيٽ ڍانچي جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي آهي، رانديون قومن ۾ اتحاد پيدا ڪن ٿيون ۽ دنيا آڏو معاشري جي مثبت ساک پيش ڪن ٿيون، پاڪستان ۾ ڪرڪي?? بح??لي سان پاڪستان بابت دنيا آڏو غلط بيانيو ڏيندڙن جا ارمان برباد ٿي ويا. راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ ٽيسٽ مئچ جي موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي خاص مددگار چيو ته ب??گلاديش جي ٽيم جو پاڪستان اچڻ خوش آئنده آهي.