اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي ??لل?? تعاليٰ جن وسيل?? سان نوازيو آهي انهن کي صحيح معنيٰ ۾ استعمال آڻيون ته ملڪ تيزي سان ترقي ڪندو، زرخيز زمين ۽ پاڻي جي فراهمي جي باوجود به اسان جي زرعي پيداوار ترقي يافته ملڪن جي ڀيٽ تمام گهٽ آهي، جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آڻيندي صرف پيداور ۾ اضافو ڪري وٺون ته ملڪ جي معيشت وڏي حد تائين مستحڪم ٿي ويندي. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان بلوچستا?? سان تعلق رکندڙ نيشنل سيڪيورٽي ورڪشاپ جي شرڪت ڪندڙ?? سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن هتي وزيراعظم سان ملاقات ڪئي.