اسلام آباد – 14 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اڳوڻي آمريڪي ص??ر ڊونلڊ ٽ??مپ تي چونڊ ريلي دوران حملي جي شديد مذمت ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان ۾ وزيراعظم اڳوڻي آمريڪي ص??ر ۽ حملي ۾ زخمي ٿيل ماڻهن جي جلدي ص??تيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته سياسي عمل ۾ هر قسم جو تشدد مذمت جوڳو آهي. هن چيو ته ان ڏکئي وقت ۾ اسان جون همدرديون ۽ نيڪ خواهشون ڊونلڊ ٽ??مپ جي خاندان سان گڏ آهن.