سکر – 26 – آگسٽ (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سکر ۾ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هنيل ڪئمپ جو معائنو ڪيو. وزير??عظ?? شهباز شريف سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن جي هڪ ڏينهن جي دوري تي سکر پهتو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، بجلي وارو وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير به ساڻس گڏ هئا. جڏهن ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ??اڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد خورشيد شاهه ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه بيگم نصرت ڀٽو ايئرپورٽ سکر تي وزير??عظ?? جي آجيان ڪئي. وزير??عظ?? کي ٻوڏ متاثرين سارسنڀال جي لاءِ لڳايل فري ميڊيڪل ڪئمپ جو دورو ڪرايو ويو. سکر جي ضلعي انتظاميا ۽ پي ڊي ايم اي جي نمائندن ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن ۽ متاثرين جي بحالي لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني. وزير??عظ?? کي ٻڌايو ويو ته ٻوڏ سبب انفراسٽرڪچر ۽ فصل تباهه ٿي ويا آهن، متاثرين جي لاءِ 90 عمارتن ۾ عارضي پناهگاهون قائم ??يو?? ويون آهن ۽ ميڊيڪل ٽيمون ۽ موبائيل اسپتالون به ڪم ڪري رهيون آهن. پي ڊي ايم اي ۽ اين ڊي ايم اي متاثرين جي ڪافي مدد ڪئي آهي، ان کانسواءِ پاڪستان آرمي ۽ نيوي به ڀرپور مدد فراهم ڪري رهي آهي. وزير??عظ?? کي متاثرين جي بحالي لاءِ کنيل قدمن ۽ ضرورتن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو.