اسلام آباد – 16 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته 19 ڊسمبر تي او آءِ سي پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل جي اجلاس جا ٽي سيشن هوندا، سيڪريٽري جنرل او آءِ سي سميت مهمان ۽ وفد اڄ جمعي تي پاڪستان اچڻ شروع ٿي ويندا، شروعاتي ۽ پڄاڻي وارا سيشن اوپن جڏهن ته ورڪنگ سيشن ان ڪئميرا هوندو، اجلاس ۾ اسان افغان ??فد کي به گهرايو آهي. روس ۽ آمريڪا به پنهنجي نمائندن کي موڪلڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي پرڏيهي وزارت ۾ ٽي وي اينڪرز ۽ نيوز ايڊيٽرز کي افغانستا?? جي صورتحال ۽ او آءِ سي پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏئي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ مملڪتي وزير فرخ حبيب اجلاس ۾ خصوصي شرڪت ڪئي، پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان ۾ هڪ ڊگهي عرصي کان ??وءِ 19 ڊسمبر تي او آءِ سي پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل جو غير معمولي اجلاس ٿيڻ وڃي رهيو آهي، 15 آگسٽ کانپوءِ افغانستان۾ جيڪا تبديلي رونما ٿي ۽ ان کانپوءِ ان تبديلي جي حوالي سان ڪيترائي خدشا سامهو آيا، هن چيو ته اسا?? جي پاڙيسري ان ??وق??ي مان ??ائدو کڻڻ لاءِ ”سينڪشن پاڪستان“ جي ميڊيا مهم هلائي، الله جي ڪرم سان ان جو ڪوڙ بي نقاب ٿيو ۽ اسا?? جي ميڊيا ان ڪوڙ کي بي نقاب ڪرڻ ۾ اهم ڪردار اد ڪيو، هن وقت افغانستان ۾ معاشي بحران شدت اختيار ڪندو پيو وڃي، شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستا?? جي معاشي ۽ انساني بحرا?? جي ڪري پناهگير?? جي يلغار جو خطرو ٻيهر ڪنڌ کڻي رهيو آهي، پاڪستان 15 آگسٽ کانپوءِ افغانستا?? جي ويجهي پاڙيسري ملڪن سان رابطو ۽ مشاو??ت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، اسان گڏيل لائحه عمل جي جوڙجڪ لاءِ افغانستا?? جي 6ويجهي پاڙيسري ملڪن جو فورم جوڙيو، ان ??ورم جو پهريون ورچوئل اجلاس پاڪستان جڏهن ته ٻيو تهران ۾ ٿيو جڏهن ته ٽيون بيجنگ ۾ متوقع آهي، ان کانسواءِ اسان ??اسڪو فارميٽ ۾ پنهنجو موقف ۽ ٽرائيڪا پلس جي فورم جي ذريعي به افغانستا?? جي صورتحال تي پنهنجو موقف پيش ڪيو. هن چيو ته اسان او آءِ سي پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل جي غير معمولي اجلاس ۾ مسلمان ??لڪن سان گڏوگڏ گڏيل قوم?? جي ايجنسيز، پي 5، ۽ اهم يورپي ملڪ?? جي نمائندن کي به دعوت ڏني وئي آهي، اسان ڪنهن هڪ طبقي جي ڳالهه نه ڪري رهيا آهيون پر لکين افغاني شهري?? جي ڳالهه ڪري رهيا آهيو?? جيڪي هن وقت شديد معاشي بحران کي منهن ڏئي رهيا آهن. پرڏيهي سيڪريٽري چيو ته سيڪريٽري جنرل او آءِ سي سميت مهمان ۽ وفد اڄ جمعي تي پاڪستان اچڻ شروع ٿي ويندا جڏهن ته 19 تاريخ تي او آءِ سي پرڏيهي وزير?? جي ڪائونسل جي اجلاس جا ٽي سيشن ٿيندا، شروعاتي ۽ پڄاڻي وارو سيشن اوپن جڏهن ته ورڪنگ سيشن ان ڪئميرا هوندو.