اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته بلاول صاحب اڄ بلدياتي نظام ۾ س??ار?? جي ڳالهه ڪري رهيو آهي، ته اي وي ايم تي ڇ?? نه ٿو مشاورت ڪري؟ ڪرپٽ سياسي پارٽيون ڪڏهن به چونڊ س??ار?? جي ڳالهه نه ٿيون ڪري سگهن. مملڪتي وزير فرخ حبيب بلاول زرداري جي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه تي ردعمل ڏيندي چي?? ته بلاول صاحب اهو ڪهڙو بلدياتي نظام آهي جنهن ۾ ڪا مشاورت ئي نه ڪئي وئي؟ ان بلدياتي نظام کي پاس ڪرائڻ ۾ جلدي ڇو ڪئي وئي؟ مملڪتي وزير چي?? ته پيپلزپارٽي 13 سالن کان سنڌ ۾ اقتدار ۾ آهي، سنڌ جي عوام پيپلزپارٽي کان هر صورت ۾ ڇوٽڪارو چاهي ٿي. فرخ حبيب چي?? ته جيڪڏهن 13 سالن ۾ سنڌ حڪومت ڪو هڪ وڏو ڪم ڪيو آهي ته سامهون آڻي. هن چي?? ته سنڌ حڪومت جي نااهلي ۽ ذخيره اندوزن جي پٺڀرائي جي ڪري سڀ کان وڌيڪ مهانگائي ڪراچي ۾ آهي. مملڪتي وزير چي?? ته پنجاب ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1100 رپين ۾ جڏهن ته ڪراچي ۾ 1400 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي. فرخ حبيب چي?? ته سنڌ ۾ اربين رپين جي ڪڻڪ چوري ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪير پڇڻ وار?? نه آهي. هن چي?? ته ڪاغذن ۾ سنڌ ۾ اربين رپيا صهت ۽ تعليم جي شعبي تي خرچ ٿيا پر اڄ به سنڌ جي اسپتالن ۾ ايمبولينسُون نه آهن. فرخ حبيب چي?? ته سنڌ جي عوام کي ٽينڪر مافيا، ذخيرو اندزن ۽ لينڊ مافيا جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، جعلي ڊوميسائيل تي نوڪرين جو اعزاز به پيپلزپارٽي حڪومت کي ئي حاصل آهي. مملڪتي وزير چي?? ته گرين لائين، سنڌ جي پٺتي پيل علائقن جي ترقي، نالن جي صفائي سميت هر وڏو ڪم وفاقي حڪومت ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت سواءِ ڪرپشن جي ڪجهه نه ڪري رهي آهي. فرخ حبيب چي?? ته پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ ٻنهي پنهنجي پنهنجي دورن ۾ ملڪي ناڻي کي بيدردي سان ڦريو. هن چي?? ته وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ ترقي ۽ عوام خوشحالي جي رستي تي گامزن آهي. مملڪتي وزير چي?? ته پيپلزپارٽي جي دور ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ ??ه ڪرپشن جي بازار گرم هئي. هن چي?? ته سماجي تحفظ جي لاءِ احساس پروگرام جي لاءِ هلندڙ سال 260 ارب رپيا رکيا ويا آهن، احساس تحت 34 پروگرام ڪاميابي سان هلي رهيا آهن. مملڪتي وزير چي?? ته 2018ع جي اليڪشن ۾ عوام پي ٽي آءِ کي مينڊيٽ ڏنو ان کي پورو ڪرڻ جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون. فرخ حبيب چي?? ته وزيراعظم عمران خان عوام جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ عملي قدم کڻي رهيو آهي.