اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ بحرين گڏيل دلچسپي جي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ سگهه ڏيڻ جي عزم کي ورجائيندي واپاري، اقتصادي ۽ سياسي لاڳاپن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ ايوان صدر ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ پاڪستان جي دوري تي آيل بحر??ن جي پارلياماني وفد جي وچ ۾ ملاقات ۾ طئي ٿيو. وفد جي قيادت بحر??ن جي نمائندن بابت ??ائونسل جي اسپيڪر فوزيه بنت عبدالله زينل ڪري رهي هئي. صدر بحر??ن جي پارلياماني وفد جي آجيان ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ بحر??ن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ بهترين لاڳاپا آهن ??يڪ?? مذهب ۽ ثقافت جي گڏيل رشتن تي ٻڌل آهن. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان ۾ بحرين کي زراعت، غذائي شين، لائيو اسٽاڪ، ماهيگيري ۽ جراحي اوزارن جي برآمدات جا وسيع امڪان آهن ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي ڪاٿي کي وڌائڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان پرڏيهي ??يڙ??ڪارن جي لاءِ هڪ پرڪشش جڳهه آهي ڇو ته هتي واپار ۽ ??يڙ??ڪاري جا تمام گهڻا موقعا آهن ۽ بحر??ن جي واپاري برادري کي انهن موقعن مان فائدو کڻڻ گهرجي. صدر عارف علوي اسلامو فوبيا جي چئلينج کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي ڀائر ملڪن پاران گڏيل ڪوششون ڪرڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. هن غيرقانوني ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن تي پڻ روشني وڌي ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها پراڻي تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب حل ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. صدر ڊاڪٽر عارف علوي بحر??ن جي شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه ۽ ولي عهد شهزاده عظميٰ شاهه سلمان بن حمد الخليفه کي پاڪستان جي دوري جي دعوت کي ورجايو. هن اسلام آباد ۾ ڪنگ حمد يونيورسٽي آف نرسنگ اينڊ ايسوسيئيٽيڊ ميڊيڪل سائنسز قائم ڪرڻ تي بحرين حڪومت جا ٿورا مڃيا. ان موقعي تي فوزيه بنت عبدالله زينل چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بهتر لاڳاپا آهن ۽ عالمي فورمز تي هڪ ٻئي جي حمايت ڪن ٿا. هن ٻنهي ڀائرن ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن بحر??ن جي بادشاهه ۽ وزيراعظم پاران صدر عارف علوي کي مبارڪباد وارو پيغام پڻ پهچايو. ملاقات ۾ بطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽن جي وچ ۾ ٻطرفا رابطا وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو.