ڪراچي – 13 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪراچي ۾ پاڪستا?? جي سڀ کان پهرين انٽريڪٽو سائنس سينٽر جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته دنيا تيزي سان تبديل ٿي رهي آهي ۽ تعليم سان گڏوگڏ شاگر??ن کي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ فزڪس جا عملي ورڪشاپس پڻ مهيا ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب صدر چيو ته اسان پنهنجي تڪ جي اسڪولن ۾ سائنسي ميلو منعقد ڪيو ۽ جنهن شوق سان شاگردن ميلي ۾ شرڪت ڪئي اهو ڏسڻ وٽان هو. هن چيو ته اسان کي جديد سائنسي علم ۽ رياضي ۾ شاگر??ن کي سهولتون ڏيڻيون پونديون ته جيئن اسا?? جي نئين نسل جديد دور جي گهرجن سان هڪ جهڙائي رکي سگهي. تقريب کي ميگنيفي سائنس سينٽر جي چيئرمين حسين دائود پڻ خطاب ڪيو. ان موقعي تي صدر پاران حوصلا افزائي تي سندس ٿورا به مڃيا. بع?? ۾ ڊاڪٽر عارف علوي سائنس سينٽر جو دورو ڪيو ۽ تجربيگاهن جو پڻ مع??ئن?? ڪيو.