اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي آهي ته موسمياتي ت??ديلين جي ڪري پا??ستان آبي وسيلن جي دستيابي ۾ کوٽ وارن ملڪن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو، پا??ستان ارجنٽائن جي وچ ۾ گذريل 70 سالن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ وسيع ٿيڻ (موثر هجڻ ??و) گڏيل اعت??اد?? احترام ۽ تعاون جو مظهر آهن. اهي ڳالهيون هن پا??ستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي وڻڪاري مهم جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيون. پا??ستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي 70 هين سالگرهه جي موقعي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي ۽ ارجنٽائن جي سفير ليپولڊو فرانسسڪو ساهورس ارجنٽائن پارڪ ۾ منعقد تقريب ۾ يادگاري ٻوٽا لڳايا. تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته پا??ستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ گذريل 70 سالن ۾ ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط هجڻ ??و گڏيل اعت??اد?? احترام ۽ تعاون جو مظهر آهن. پا??ستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي لاءِ اداره جاتي ميڪنزم جو ڪردار انتهائي اهم آه. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار جي فروغ لاءِ گڏيل ڪميشن موجود آهي، 20 مئي 2021ع تي منعقد ٿي??دڙ اسان جي آخري گڏجاڻي دوران اسان زراعت، دواسازي، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ صنعتي شعبن تي گڏيل ورڪنگ گروپ بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ته جيئن مستقبل ۾ واپاري ۽ معاشي ت??اون کي وڌيڪ فروغ ڏئي سگهجي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته هڪ گڏيل ڪاروباري ڪائونسل به بزنس ٽو بزنس انٽريڪشن وڌائڻ جي لاءِ قائم ڪئي وئي آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت باقاعدگي سان ٿي??دي آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جي پارليامينٽ ۾ پا??ستان، ارجنٽائن فرينڊشپ گرپس جي موجودگي ٻطرفي پارليااني لاڳاپن جي استحڪام جي علامت آهي، پرڏيهي وزير چيو ته برطانوي وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي پنهنجي تقرير ۾ وزيراعظم عمران خان جي ”ٽين ملين سونامي ٽري“ منصوبي کي ساراهيو. موسمياتي ت??ديلين جي ڪري خطرو ان ڳالهه جو آهي ته پا??ستان وسيع آبي وسيلا رکندڙ ملڪ مان، آبي وسيلن جي دستيابي ۾ کوٽ وارن ملڪن ۾ شامل ٿي سگهي ٿو. انهن حالتن ۾ وڻڪاري جو فروغ ئي اهم حڪمت عملي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته 4 ڊسمبر تي اسان لاهور ۾ پا??ستان ۽ ارجنٽائن جي وچ ۾ ”پولو ميچ“ جو انعقاد ڪري رهيا آهيون، پا??ستان ۾ ارجنٽائن جي سفير به تقريب کي خطاب ڪيو ۽ گذريل ست ڏهاڪن ۾ وڌندڙ ٻطرفي سفارتي لاڳاپن تي اطمينان جو اظهار ڪندي کين وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.