اسلام آباد -28 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو وزير شيخ رشيد احم?? چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ قائم ناتا انتهائي پراڻا آهن. پاڪستان اف??انستان ۾ امن ۽ سياسي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، اف??انستان هڪ خودمختيار ملڪ آهي جيڪو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪرڻ لاءِ بااختيار آهي، اهڙو اظهار هن ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ ڪينيڊا ٻه طرفان ناتن سيمت اف??انستان ۽ خطي جي مجموعي صورتحال تي تفصيلي طور غور ويچار ڪيو ويو. ملاقات ۾ اتفاق ڪيو ويو ته اف??انستان ۾ جٽادار امن خطي جي ترقي ۽ اف??ان شهرين جي خوشحالي لاءِ ا??ٽر آهي. اف??ان شهرين جي ا??ساني بنيادن تي ا??داد ضر??ري آهي، غذائي کوٽ پيدا ٿيڻ جي سببن کي ختم ٿيڻ جي ضرورت آهي. ان موقعي تي شيخ رشيد احم?? چيو ته پاڪستان ۽ ڪينيڊا وچ ۾ قائم ناتا انتهائي پراڻا آهن جن کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت آهي. طالبان حڪومت کي هن وقت فنڊن ۽ وسيلن جي گهٽتائي آهي، مالي ۽ انساني وسيلن جي گهٽتائي سان حڪومت هلائڻ طالبان لاءِ هڪ وڏو چئلينج هوندو. هن چيو ته عالمي برادري طالبان کي وقت ۽ وسيلا ڏئي، اميد آهي ته طالبان پنهنجي واعدن تي مڪمل طور عمل ڪندا. اف??انستان مان پرڏيهين ۽ عالمي برادري جي واپسي واري عمل ۾ مدد ۽ معاونت جاري رهندي، ڪينيڊا ۾ ترسيل پاڪستاني برادري ٻنهي ملڪن جي سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان موقعي تي ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر چيو ته ڪينيڊا جي هاءِ ڪميشن جي درخواست تي ا??غان شهرين جي واپسي تي پاڪستان جا شڪر گذار آهيون. اف??انستان مان پرڏيهين ۽ اف??ان شهرين کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ پاڪستان جو ڪردار غيرمعمولي ڪارنامو آهي. هن چيو ته موجوده حالتن ۾ اف??ان شهرين لاءِ انساني بنيادن تي ا??داد ڪئي آهي. پاڪستان طرفان 30 لک اف??انين جي سار سنڀال ڪرڻ به واکاڻ جو جوڳو عمل آهي. گهرو وزير شيخ رشيد ڪينيڊا جي هاءِ ڪمشنر کي يقيني ڏياريو ته پاڪستان ڪينيڊا جي درخواست تي وڌيڪ ماڻهن کي ا??غانستان مان ڪڍڻ ۾ معاونت فراهم ڪندو.